حيدرآباد(رپورٽ:امتياز کوسو) قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ قتل ٿيل چمڙي جي مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار سندس ڊرائيور حنيف لغاري کي پوليس خيرپور مان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ته هڪ ڏينهن اڳ رات جو ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي کي سندس ڊرائيور ڇرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد ڪار سميت فرار ٿي ويو هو. واقعي جو اطلاع گهر ۾ موجود بورچي پوليس کي ڏنو. پوليس پهچي مقتول ڊاڪٽر جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ترجمان دعويٰ ڪئي ته ايس ايس پي امجد احمد شيخ واقعي واري هنڌ پهچي اسپيشل ٽيم کي هدايتون جاري ڪيون ته جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي جنهن بعد اسپيشل ٽيم 12 ڪلاڪن دوران خيرپور پهچي ڊرائيور کي ڳوٺ مان ڪار سميت گرفتار ڪيو ويو۽ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد کيس اڄ لاڳاپيل عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪندي. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو تعلق ڇاڇرو سان آهي جيڪو ڪافي عرصي کان قاسم آباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد سٽيزن ڪالوني ۾ رهائش پذير هو جڏهن ته سندس فيملي آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي جنهن کي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو آهي جيڪي اڄ يا سڀاڻي حيدرآباد پهچندا، جنهن ڪري لاش سندس ڀيڻويي جي موجودگي ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سول اسپتال جي سرد خاني ۾ امانت طور رکرايو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور ڊاڪٽر جي پنهنجي ڊرائيور سان منهن ماري ٿي ۽ سندس گهر جي دروازي تي پهچڻ بعد ڊرائيور گاڏي مان لهي فوري طور تي رڌڻي ويو جتان ڇري کڻي هن ڊاڪٽر تي حملو ڪري سندس ڳلو ڪپيو. ذريعن اها به تصديق ڪئي ته گهر ۾ موجود بورچي ڊرائيور کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر تنهن باوجود ڊرائيور ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڪار سميت فرار ٿي ويو. ٻي طرف  پنهنجي اخبار  پاران رابطو ڪرڻ تي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايچ او اصغر تنيو ٻڌايو ته مقتول ڊاڪٽر جو ڪيس سندس وارثن جي فرياد تي داخل ڪيو ويندو پر سندس وارثن مان هتي رڳو هڪ ڀيڻويو موجود آهي جيڪو اڃا ٿاڻي ناهي پهتو. هوڏانهن ميڊيڪو ليگل شعبي جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ڊاڪٽر ڌرم ديو کي ڳلي تي ڇري جا 2 نشان هئا  ۽ ڇري جي ٻئي ڪٽ سان سندس ساهه جون نليون ۽ ٻيون رڳون ٽٽيون. گهڻو رت وهڻ ۽ نليون ٽٽڻ سبب سندس موت واقع ٿيو آهي. ذريعن اها به تصديق ڪئي ته ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي چهري تي ٺونشن جا نشان هئا ۽ ڌڪ لڳڻ سبب سندس کاٻي پاسي واري اک به متاثر ٿي.