حيدرآباد: بيدردي سان قتل ٿيل ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل الزام ۾ گرفتار حنيف لغاري ڏوهه جو اعتراف ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڊاڪٽر ڌرم ديو مٿس گاڏي جو پيٽرول چوري ڪرڻ سميت ٻيا الزام هڻندو هو. ايس ايس پي امجد احمد شيخ موجب ته گرفتار ڊرائيور جا مختلف بيان آهن ڇاڪاڻ ته هو ڪيڏي مهل پيٽرول جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪيڏي مهل وري اهو چئي رهيو آهي ته ڊاڪٽر کان مجبوري ۾ پئسن جي گهر ڪئي پر هن هر دفعي انڪار ڪندي سندس تذليل ڪئي جنهن ڪري هن جذبات ۾ اچي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو آهي پر ڊرائيور جي اهڙن بيانن مان مطمئن نه آهيون ان ڪري کانئس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي اهو به ٻڌايو ته هيستائين ڪيل جاچ ۾ ڊاڪٽر قتل ۾ ملوث سندس ڊرائيور کان علاوه ڪنهن ٻي ماڻهو جي ملوث هئڻ بابت ڪي به ثبوت فراهم ناهن ٿيا ۽ کين اهو ئي لڳي ٿو ته ڊاڪٽر جي قتل ۾ رڳو سندس ڊرائيور ئي ملوث آهي.