روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ جي اڇيون قبيون واري علائقي جي رهواسي شر برادريءَ سوين ماڻهو عورتون ۽ ٻارڙا ساڻ  ڪري روهڙي پريس ڪلب اڳيان روهڙي- سکر روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاھرين مولوي عنايت الله، احمد علي، محبوب، مسمات عائشه ۽ ٻين پوليس خلاف دانهيندي چيو ته نيويارڊ پوليس چوڪي انچارج اجمل عرف ججي ڪٽپر، ايس ايچ او روهڙي جهانگير مهر ۽ ڊي ايس پي سکر ستار ڦل مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن سان گڏ گذريل رات گهرن تي چڙهائي ڪري نوجوان ناري عنايتان، سڪندر، سعيد، عبدالڪريم ۽ عمران کي بيگناهه کنڀي کڻي ويا آهن. پوليس کين ظاهر به نٿي ڪري. مظاھرين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ڏاڍائين جو نوٽيس وٺي بيگناهه کنڀي گم ڪيلن ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. احتجاج دوران ڊي ايس پي روهڙي حضور بخش سولنگي مظاھرين وٽ پهچي ڳالھيون ڪري ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ڊي ايس پي روهڙي جو چوڻ هو پوليس ڦر دوران قتل جي واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، ڪجھه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، اهي بي قصور ھوندا ته کين آزاد ڪيو ويندو.