جيڪب آباد (رپورٽر) هفتو اڳ سڱاوتي تڪرار تان سٽي ٿاڻي جي حد غريب آباد محلا ۾ محمد حيات سومرو  جي گهر تي لاشاري برادري جي ماڻهن پاران ڪاهه ڪري پٽ عبدالرحمٰن سميت تشدد ڪرڻ واري معاملي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي.ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ لاشاري ڌر پاران پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر لياقت علي لاشاري، خالد جهلڻ جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو هارون رشيد سومرو وٽ ڏنگر محلا پهتو، جتي لاشاري برادري جي ماڻهن غلطي تسليم ڪندي فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو ويو. سومرا برادري جي چڱي مڙس هارون رشيد سومرو ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي چيو ته لاشاري برادري جي ماڻهن سان فيصلي لاءِ تيار آهيون لاشاري برادري ڪنهن به امير کان تاريخ وٺي اچن فيصلو ڪنداسين باقي جيڪي ماڻهو ڪانڍجي آيا هئا انهن سان فيصلو نه ٿيندو ميڙ کي مان ڏيڻ کانپوءِ آخر ۾ دعا پڻ گهر وئي