نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاه ۾ سوشل ورڪر انيلا ملاح علائقي جي بااثر  ذوالفقار راڄڙ جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي ڪيو، هن دانهيندي چيو ته هوءَ سٽي گيٽ ۾ رھندي آھي جتي فليٽ ۾ ذوالفقار راڄڙ به رھندو آھي، جيڪو سول اسپتال جي نيورو وارڊ ۾ ڊسپينسر آھي ۽ حقاني ٽائون ۾ شام جي وقت پنھنجي ڪلينڪ ھلائيندو آھي، ھن چيو ته 3 ڏينهن اڳ صبح جي وقت ڀاءُ رياض ملاح جا ٻار مناھل ۽ شھريار ٽانڪي مان پاڻي ڀرڻ ويا ته ڄاڻايل ڊسپينسر جي گھر واري کين پاڻي ڀرڻ نه ڏنو ۽ چيو ته ٽانڪي صرف اسان جي لاءِ آھي، هن چيو ته بعد ۾ ذوالفقار راڄڙ منھنجي ڀاءُ رياض ملاح کي سخت تشدد ڪري زخمي ڪيو، هن چيو ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي،