روهڙي (ن پ ا) روهڙي جي علائقي علي  واهڻ ۾ دوست جي تٿ ٻڌجڻ (شادي جي تاريخ طئي ٿيڻ) جي خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪندڙ نوجوان پنهنجي ئي گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت،خوشيون ماتم ۾ تبديل، نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي. خبر موجب روهڙي جي علائقي جهانگڙو ٿاڻي جي حد علي واهڻ ۾ دوست جي شادي جي تاريخ ٻڌجڻ جي خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪرڻ دوران پنهنجي ئي پستول جي گولي لڳڻ سبب 17 سالن جو نوجوان محمد ذوهيب ولد منظور احمد آريجو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. فوتيء جو لاش تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل هو، ۽ شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.