اسلام آباد(م ڊ) پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته روس اسان کي دنيا جي ٻين ملڪن کي ملندڙ رعايتن جي برابر يا ان کان وڌيڪ رعايت ڏيندو اهو سستو ڪچو تيل هوندو، بائيڪو، پارڪو، شيل ۽ ٻين ڪمپنين سان ڳالهايو آهي، بائيڪو 70 کان 80 سيڪڙو روسي تيل استعمال ڪري سگهي ٿي. رفائنرين کي به چيو آهي ته 60 ڏينهن اندر پنهنجي مقدار بابت آگاهي ڏين. هن چيو ته اسان وٽ ڊالر هوندو ته ان ۾ روس کان تيل خريد ڪنداسين يا وري جن دوست ملڪن جي ڪرنسي موجود هوندي ان ۾ ئي سودو ڪنداسين. روس جي به ڪا خواهش ٿي سگهي ٿي ان کي به ڏسنداسين ته هو ڪهڙي ڪرنسي ۾ سودو ڪرڻ چاهي ٿو.