لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ اهڙو بحران ناهي آيو جيڪو اڄ آهي، اهو قدرتي نه هٿرادو پيدا ڪيل آهي، سعودي عرب جهڙي ملڪ به امداد لاءِ شرط رکي ڇڏيا آهن هڪ شخص جي فيصلن سان اهو بحران شروع ٿيو. وڪيلن کي وڊيو خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سڀني کي اميد آهي ته سعودي عرب ۽ چين کان پئسا ملي ويندا، جنيوا ۾ به سڀني اها ئي ڪوشش ڪئي ته پئسا ملي وڃن، جنيوا ۾ سڀني چيو ته اسان موسمياتي تبديلي کان متاثر آهيون اسان کي پئسا ڏيو، اهي سڄي دنيا جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر انهن کي پئسا نه پيا ملن. هن چيو ته اقتدار ۾ ويٺل سڀ ناڪام ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته انهن وٽ معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو طريقو ناهي، سڀني کي اميد آهي ته سعودي عرب يا چين پئسا ڏين. سعودي عرب بيان ڏنو ته اسان هاڻ پئسا نه ڏينداسين، چورن کي سازش تحت ويهاريو ويو، مان ساڍن ٽن سالن ۾ ايترا دورا نه ڪيا جيترا شهباز شريف 4 مهينن ۾ ڪيا، اسان جي دور ۾ ملڪ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پئسا تڏهن ڏيندو، جڏهن ان جا شرط مڃيا ويندا، ان جا شرط مڃڻ سان مهانگائي 50 سيڪڙو وڌي ويندي، رپيو ڪِرندو ته تيل ۽ ڊيزل جو اگهه وڌندو. عمران خان چيو ته اڳ ۾ مشرف ۽ هاڻ جنرل باجوا انهن کي اين آر او ڏنو، جنهن ملڪ ۾ قانون جي عملداري نه هوندي اتي سيڙپڪاري ڪير ڪندو؟ اسان ايترا ڪِري پيا آهيون جو اسان جو وزيراعظم ڀارت سان دوستي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هجڻ باوجود پوليس چوڻ نه پئي مڃي، اسان وٽ سڀ کان طاقتور ماڻهو ويٺا آهن جيڪي فيصلا ڪندا آهن، ڪير آهي جيڪو انصاف کي روڪي رهيو آهي؟