اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي بئنڪن آئل ڪمپنين جي پيٽرول امپورٽ ايل سيز کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انڊسٽري ذريعن موجب ٻن جهازن کان پيٽرول اچي رهيو آهي، ان کانپوءِ پيٽرول امپورٽ نه ٿيندو. انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ايل سيز نه کليون ته فيبروري جي شروعات کان پيٽرول جي کوٽ ٿي سگهي ٿي، 10 ڏينهن کان ايل سيز کولرائڻ جون ڪوششون ڪامياب ناهن ٿي سگهيون. ذريعن موجب ايراني ڊيزل جي سپلاءِ وڌڻ سبب ڊيزل مناسب مقدار ۾ موجود آهي.