اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار رمضان مهيني جي لاءِ 5 ارب رپين جي سبسڊي تي ٻڌل رليف پيڪيج تيار ڪري ورتو آهي. صنعت ۽ پيداوار جي ذريعن موجب رمضان جي لاءِ 19 عام واهپي وارين ضروري شين تي حڪومت طرفان سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته رمضان پيڪيج جي تحت سبسڊي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ماڻهن جي لاءِ هوندي. رمضان جي لاءِ عام واهپي وارين شين تي سبسڊي يوٽيلٽي اسٽورز تي ڏني ويندي، پيڪيج تحت اٽو، گيهه، دالون، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين تي رمضان پيڪيج تحت سبسڊي ڏني ويندي. ياد رهي ته مهانگائي سبب عوام خاص طور تي هيٺين طبقي کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.