يونان (م ڊ) يونان ۾ ٽرين حادثي ۾ 26 مسافر فوت ۽ 85 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لاريسا شهر ويجهو  مسافرن سان ڀريل ٽرين سامهون ايندڙ ڪارگو  ٽرين سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب خوفناڪ حادثو پيش آيو. لاريسا جي گورنر  ميڊيا کي ٻڌايو ته حادثي سبب مسافر ٽرين جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن جي نتيجي ۾  26 مسافر فوت ۽ 85 زخمي ٿي پيا. زخمين کي لاريسا شهر جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي جٿي 25 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.