اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قرضن ۽ معاشي مشڪلاتن جي دٻڻ ۾ ڦاٿل پاڪستان لاءِ هڪ نئون مسئلو پيدا ٿيڻ جو خدشو سامهون اچي ويو آھي، پيٽروليم وزارت جي وفاقي سيڪريٽري  انڪشاف ڪيو آھي ته جيڪڏھن پاڪ ايران گئس پائپ لائين وقت تي مڪمل نه ٿي ۽ پاڪستان ايران کان گئس خريد نه ڪئي ته 18 ارب ڊالر جو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پرڏيهي  مامرن جي وزارت  کي آمريڪي سفير سان رابطي جي ھدايت ڪندي چيو آھي ته آمريڪا ايران کان گئس جي خريدار ي تان پابندي ھٽائي يا 18 ارب ڊالر جو ڏنڊ ادا ڪري. پي اي سي  نئين گئس ڪنيڪشنن ۽ پيٽرول پمپن تي پابندي فوري ھٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. نور عالم خان جي صدارت ھيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس  ٿيو، جنھن ۾ سيڪريٽري پيٽروليم انڪشاف ڪندي چيو ته پاڪ، ايران گئس پائپ لائين منصوبو وقت تي مڪمل نه ڪيو ته پاڪستان کي 18 ارب ڊالر جو ڏنڊ لڳي سگھي ٿو. پاڪستان آمريڪا کان مطالبو ڪيو آھي ته ايران کان گئس جي حاصلات لاءِ لڳايل پابندي تي نظر ثاني ڪري. سيڪريٽري پيٽروليم ٻڌايو ته پاڪ ايران گئس پائپ لائين تي آمريڪا سان به ڳالھايو آھي، ان ۾ رليف به گھريو آھي ۽ ٻڌايو آھي ته وڏي پيماني تي ڏنڊ نٿا ڏئي سگھون، پي اي سي پڇاڻو ڪيو ته وقت تي پاڪ، ايران گئس پائيپ لائين مڪمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي ڪيترو ڏنڊ لڳي سگھي ٿو، جنھن تي سيڪريٽري پيٽروليم ڪاميٽي کي ٻڌايو ته معاهدي مطابق پاڪ ايران گئس لائين وقت تي مڪمل نه ڪرڻ تي پاڪستان کي 18 ارب ڊالر جو ڏنڊ لڳي سگھي ٿو. آمريڪي سفير کي ٻڌايو آھي ته اسان کي ايران کان گئس خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي يا وري رقم ڏئي اسان ڏنڊ ادا نٿا ڪري سگھون. پي اي سي پرڏيهي مامرن جي وزارت  کي آمريڪي سفير سان رابطي جي ھدايت ڪندي چيو آھي ته پرڏيهي وزارت آمريڪي سفير کي گھرائي ٻڌائي ته پاڪستان کي پاڪ ايران گئس پائپ لائين ۾ 18 ارب ڊالر جو نقصان ٿيندو، آمريڪا اسان کي 18 ارب ڊالر جو رليف ڏي يا اسان کي ان معاھدي تي عملدرآمد جي اجازت ڏي. اجلاس دوران چيئرمين پي اي سي چيو ته نئين گئس ڪنيڪشنز تي پابندي نه ھجڻ گھرجي، نوان ميٽر نٿا لڳايا وڃن، جنھن سان گئس چوري ٿي رھي آھي. چيئرمين پي اي سي گئس ڪمپنين کي گئس چوري ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ ڪراچي ۾ گئس چوري ۾ ملوث ھائوسنگ اسڪيمن جي خلاف ڪارروائي جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي. پي اي سي نئين گئس ڪنيڪشن تي پابندي فوري طور تي ھٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آھي. چيئرمين پي اي سي اوگرا کي نئين پيٽرول پمپس تي لڳالي پابندي ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪري ڇڏي آھي.