خانپور (ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه ڏنو ڪمالاڻي جتوئي ۾ عطراڻي جتوئي ۽ ڪمالاڻي جتوئين ۾ هلندڙ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، ڌرين ھڪٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي. ڪمالاڻي جتوئي ڌر جي ھڪ عورت مسمات جانل زال نظام الدين ڪمالاڻي جتوئي قتل ٿي وئي. پوليس ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ واقعي واري ھنڌ پھچي چڱن مڙسن جي مداخلت بعد لاش تحويل ۾ وٺي خانپور اسپتال کڻائي آئي، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.رستم پوليس موجب ڪمالاڻي، عطراڻي، سعدخاناڻي، ۽ جتوئين وچ ۾ پراڻو ڪارنھن تان جھيڙو شروع ٿيو ھو، ڌرين جا 45 کان وڌيڪ قتل ٿي چڪا آھن، جن ۾ عورتون به شامل آهن،ڌرين جتوئي سردارن وٽ فيصلو به ڪيو ھو، جنھن تي عمل نه ٿي سگھيو آھي ۽ ڏنڊ جي رقم ھڪ ٻئي کي نه ڏيڻ سبب ڌريون ھڪٻئي تي مختلف وقتن تي حملا ڪري ھڪٻئي جا ماڻھو قتل ڪن ٿا. ٻيجل خاتون پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته عطراڻي جتوئين حملو ڪيو،منھنجي ڌيءَ 6 ٻارڙن جي ماءُ قتل ٿي وئي آھي،  فيصلو به ٿيو ھو پر عمل نه پيو ٿئي، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪا گرفتاري نه ٿي ڪري باقي غريبن جي گھرن تي چڙھائي ڪندي ڪڪڙ به کڻي ويندي آھي، پوليس جي سستي ۽ نااھلي سبب ڪيترائي قتل ٿين پيا.