سيوهڻ (ن پ ا) تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جي سيوهڻ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي،  عدالت ۾ تانيا خاصخيلي ڪيس جو وڪيل لياقت خاصخيلي ۽  پاسبان تحريڪ جا اڳواڻ پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي جو وڪيل فيض محمد چانڊيو پڻ عدالت پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران  قتل ۾ استعمال ٿيل ڪيس پراپرٽي موٽرسائيڪل عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي، جنهن تي عدالت ايس ايچ او جھانگارا کي ڇنڊ پٽيندي ڪيس جي پراپرٽي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ايس ايچ او جھانگارا خلاف پراپرٽي پيش نه ڪرڻ جو نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو، جنهن بعد تانيا  خاصخيلي ڪيس جي ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.