سياسي انتشاري ٽولي سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

0
28
سياسي انتشاري ٽولي سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر
سياسي انتشاري ٽولي سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري واضح موقف ڏنو آهي ته سياسي انتشاري ٽولي سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڪو سياسي ليڊر يا ٽولو پنهنجي فوج تي حملو ڪري، ڌمڪيون ڏئي ۽ پروپگئنڊا ڪري، اُن سان ڳالهيون نه ٿينديون، فوج پنهنجي اندر ته احتساب ڪيو، 9 مئي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن جو احتساب ڇو ناهي ٿيو؟ جيڪڏهن هڪ مخصوص ٽولو سياسي ۽ سامراجي ڇوٽ وٺي اهو ڪم ڪندو رهندو، ته هڪ ڏينهن پنهنجي فوج تي چڙهائي به ڪندو، سياسي انتشاري ٽولي لاءِ هڪ ئي رستو آهي ته سچي دل سان معافي وٺي، نفرت جي سياست ڇڏي تعميري سياست ڪري

راولپنڊي ۾ پريس بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ادارن کي نه، پر سياسي پارٽين کي ڳالهيون سونهن ٿيون، پاڪستان ۾ جهموريت کي ڪوبه خطرو ناهي، رڳو غيرجمهوري روين مان خطرو آهي

9 مئي رڳو فوج نه، پر سموري پاڪستان جو ڪيس آهي، 9 مئي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن کي آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مونجهارا پيدا ڪرڻ لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو چيو پيو وڃي، 9 مئي ڪا لڪل شيءِ نه آهي

عدالتي ڪميشن اِن تي ٺاهيو ته اهو واقعو ڪيئن ٿيو، اها بُرائي هن حد تائين ڪيئن پهتي، اُن کانپوءِ جڊيشل ڪميشن ڏسي ته 2014ع ۾ ڌرڻو ڪيئن لڳو، پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي ڪيئن حملو ٿيو؟ ڪيئن 2016 ۽ 2022ع ۾ اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي وئي، آءِ ايم ايف کي خط ڪيئن لکيا ويا، سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف نفرت پکيڙيندڙ ڪير هئا؟

9مئي جي ذميوارن کي سزا نه ڏني وئي ته ملڪ ۾ ڪنهن جي به جان ۽ مال محفوظ نه رهندا، انصاف جي نظام تي سوال پيدا ٿيندا، ٻين ملڪن ۾ معاملن کي ڊيگهه نه ڏني ويندي آهي، واشنگٽن ۾ ڪيپيٽل هِل ۾ چڙهائي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون ويون، لنڊن ۾ هلائون ڪندڙن کي ڏينهن رات عدالتون لڳائي سزا ڏني وئي، هي اهي ملڪ آهن، جِن جا مثال ڏيندي اسان جي اشرافيا ٿڪندي نه آهي

اها ڳالهه غلط آهي ته عام چونڊن ۾ پارٽي کي مليل ووٽ خلاف هئا

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته اها ڳالهه غلط آهي ته عام چونڊن ۾ پارٽي کي مليل ووٽ خلاف هئا، 8 فيبروري تي 47 سيڪڙو ووٽر ٽرن آئوٽ هو، ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهن ووٽ ڪاسٽ ڪيا، مجموعي آبادي جي رڳو 8 سيڪڙو هن مخصوص پارٽي کي ووٽ ڏنا، 92 سيڪڙو آبادي مخصوص پارٽي کي ووٽ نه ڏنا

مخصوص پارٽي کي مليل ووٽ 9 مئي جي حق ۾ نه هئا، چونڊن ۾ فوج جي مداخلت جو ثبوت آهي ته آئيني فورمز تي پيش ڪيو وڃي، چونڊن ۾ فوج جو ڪردار رڳو محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ هو، هر حڪومت سان فوج جو غيرسياسي، پر آئيني ۽ قانون واسطو هوندو آهي

آئين اجازت نٿو ڏئي ته اظهار جي آزادي جي پويان لِڪي دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪريو

آئين اجازت نٿو ڏئي ته اظهار جي آزادي جي پويان لِڪي دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪريو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اهي اهڙا ناپاڪ سياسي مقصد آهن ته اسان نه آهيون ته ڪجهه ناهي، هي اها سوچ آهي، جيڪا چاهي ٿي پاڪستان معاشي طور ترقي نه ڪري، جڏهن دوست ملڪن، خاص ڪري سعودي عرب بابت اهڙي ڳالهه ڪئي وڃي، ته اِن مان خبر پوندي آهي هنن لاءِ ڪابه حد ناهي، سعودي عرب پاڪستان جي معيشت ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، اِن تي رجيم چينج جو الزام لڳائڻ افسوسناڪ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ڪنهن ملڪ کي فوجي اڏا نه ڏنا آهن ۽ نه ڏنا ويندا، پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ کي ڪڏهن به سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو آهي، واپار جي اوٽ ۾ منشيات ۽ هٿيار اسمگلنگ سوڌو غيرقانوني پرڏيهين جي داخلا جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي

لاپتا ماڻهن جو مسئلو ايڏو سادو نه آهي: فوجي ترجمان

لاپتا ماڻهن جو مسئلو ايڏو سادو نه آهي، جيترو پيش ڪيو پيو وڃي، هي مُنجهيل مسئلو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چيو آهي ته ڪجهه اهڙا به دهشتگرد مارجي ويا آهن، جيڪي گُم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل هئا، لاپتا ماڻهن جو انگ 10 هزار ٻڌايو ويندو آهي، اُنهن مان 80 سيڪڙو کي ٽريس ڪيو ويو آهي، 23 ڪيسز رهجي ويا آهن، جِن کي لاڳاپيل ڪميشن ڏسي رهي آهي، لاپتا ماڻهن جي معاملن تي پروپگئنڊا ڪئي ويندي آهي، مافياز پنهنجا جيل به ٺاهي رکيا آهن

پڪا ثبوت آهن ته ٽي ٽي پي جا دهشگرد افغان سرزمين استعمال ڪن ٿا: ڊي جي آءِ ايس پي آر

پڪا ثبوت آهن ته ٽي ٽي پي جا دهشگرد افغان سرزمين استعمال ڪن ٿا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چيو آهي ته بشام ۾ چيني شهرين تي حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي، آپگهاتي حملو ڪندڙ به افغان شهري هو، حملي جو مقصد سي پيڪ منصوبن کي نقصان پهچائڻ ۽ پاڪ چين دوستي کي سبوتاز ڪرڻ هو، دهشتگردن کي چِٿڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين، پاڪستان ۾ سمورن چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي پهرين ترجيح آهي