عمرڪوٽ (رپورٽر) اٽي جي واڌو اگھن، ڪڻڪ جي ھٿرادو کوٽ ۽ مبينا جعلي اٽو چڪين واري مامري تي انساني حقن واري اداري پاران خوراڪ کاتي عمرڪوٽ جي عملدارن تي مبينا لکين رپين جي ڪرپشن جو الزام ھڻندي ڏنل درخواست بعد اينٽي ڪرپشن اختيارين جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي عمرڪوٽ جي عملدارن ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص پاران ڌرين کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ 17 جنوري تي روبرو پيش ٿيڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ھيومن رائيٽس رسائي تنظيم جي باغي سومرو ايڊووڪيٽ، نوشين پھوڙ، حيا امين ۽ ارسلان ٿھيم کي پڻ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ لکت ۾ اطلاع ڏنو ويو آھي، باغي سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي درخواست تي مبينا جعلسازي ذريعي قائم آٽا چڪين، ڪڻڪ جي ڪرپشن ۽ اٽي واري صورتحال بابت جاچ شروع ٿي آھي، اسان جي ٽيم 17 جنوري تي مبينا ڪرپشن خلاف اينٽي ڪرپشن آفيس ميرپورخاص پھچي بيان رڪارڊ ڪرائيندي، اسان جو مطالبو آھي ته جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ غريب عوام سان انصاف ڪيو وڃي، واضح رھي ته ضلعي ۾ ھڪ فلور مل ۽ 430 آٽا چڪيون موجود آھن، پر ذريعن موجب ڪافي چڪين جا لائسنس ته جاري ٿيل آھن پر گرائونڊ تي انهن ڪو به وجود ناهي.