رتوديرو (ن پ ا ) ڳوٺ سڄڻ ھڪڙو ۾ 6 سال جو سمير پٽ عطا محمد تنيو ايچ آءِ وي وگهي فوت ٿي ويو، هن  وقت تائين مجموعي طور فوتين جو انگ وڌي 63 ٿي ويو آهي. عطا محمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 3 سال اڳ پٽ کي ايچ آءِ وي جي بيماري ظاهر ٿي، غربت سبب وس آهر ٻارڙي جو علاج ڪرايو،حڪومت طرفان علاج جون ڪي به سهولتون نه هجڻ سبب پٽ فوت ٿي ويو آهي