ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان ٽريڪٽر نينگر کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو آهي . ڀرياوليج واري علائقي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ملازم شوڪت سنجراڻي جي 5 ورهين جي پٽ ايان مٿان ٽريڪٽر چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پھچي نينگر جو لاش کڻائي لمس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.  ڄامشورو پوليس موجب ٽريڪٽر ڊرائيور نياز علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.