حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) قاسم آباد  جي وحدت ڪالوني ۾ قائم ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيس ۾ بيٺل نم جا ڪيترائي قيمتي وڻ وڍرايا ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته آفيس ۾ بيٺل پراڻن وڻن جي واڍي لاءِ آر ٽي اي سيڪريٽري پرويز احمد قريشي پاران خانگي ٺيڪيدار کي ٺيڪو ڏنو ويو هو جنهن آچر جي موڪل واري ڏينهن کان وڻن جي واڍي وارو ڪم شروع ڪيو جيڪو گذريل ڏينهن به جاري رهيو. آر ٽي اي سيڪريٽري پاران آفيس ۾ بيٺل لکين رپين جا وڻ وڍرائڻ کانپوءِ جي او آر ٿاڻي جي پوليس به پهتي. ايس ايڇ او اختر حسين ڪٽپر ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي مان ڪجهه ڪاٺ لهرائي باقي ڪاٺ ٽريڪٽر سميت ٿاڻي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر آر ٽي اي سيڪريٽري کيس پنهنجي آفيس ۾ وٺي وڃي مبينا طور رشوت جي آڇ ڪئي جنهن بعد ايس ايڇ او بنا ڪنهن گرفتاري جي ٽيم سان گڏ روانو ٿي ويو. آر ٽي اي سيڪريٽري پرويز احمد قريشي ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته ڄاڻايل وڻ آفيس جي ملڪيت آهن ۽ انهن آفيس جو پلاٽ ڪشادو ڪرڻ لاءِ وڻ وڍرايا آهن. هن چيو ته ڄاڻايل وڻن سبب آفيس جي چئوديواري کي نقصان پئي ٿيو. تازو برساتن ۾ وڻن جا ڏار آفيس ۽ ديوارن مٿان ڪريا هئا جنهن ڪري ديوارن کي به ڪافي نقصان پهتو. آر ٽي اي سيڪريٽري موجب لاڳاپيل کاتي کان هن اجازت وٺي ڄاڻايل وڻ وڍرائي ڇڏيا آهن ڇاڪاڻ ته هو آفيس جي نئين بلڊنگ تعمير ڪرائيندا جتي پراڻن وڻن بدران هاڻي هو نوان وڻ به لڳائيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آر ٽي اي مبينا طور ڪرپشن لاءِ بنا اپرول جي وڻ وڍرايا آهن جنهن سان سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار جو سرسبز پاڪستان وارو نعرو کوکلو بڻجي ويو آهي. هوڏانهن ساڃاهه وندن آر ٽي اي آفيس مان قيمتي وڻن جي واڍي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪرپٽ آر ٽي اي خلاف ڪارروائي ڪندي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.