مدئجي/ مرزاپور(نمائندن وٽان) مرزا پور ڀرسان 20 ميل ٿاڻي جي حد  فقير ڳوٺ ۾ ڀاءُ ضمير جوڻيجو پنهنجي نوجوان  ڀيڻ ظهيران ڌيءُ قيصر جوڻيجو کي پسٽل جا فائر ڪري  قتل ڪري ڇڏيو. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.ويهه ميل پوليس موجب علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري ظهيران جوڻيجو کي ساڳئي ڳوٺ جي رهواسي نوجوان سان ڪارنهن جو الزام مڙهي ڀاءُ فائرنگ ڪري قتل ڪيوآهي. جڏهن ته وارثن پوليس کي ٻڌايو آهي ته گهرو اڻبڻت تان ماني دير سان پچائڻ تي ناري کي سندس ڀاءُ گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف مقتولا وارثن پاران پوليس سان ملي ڀڳت ڪري واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن