ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گيسٽرو وگهي 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، خيرپور، ٽنڊو ڄام، نئون ديرو، گاجي کهاڙو، ٽنڊو باگو، قاضي احمد، ڀرياسٽي، مرزاپور، مورو ۽ نصيرآباد جي  اسپتال ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن کي آندو ويو. ان ڏس ۾ميھڙ جي گهاڙي روڊ تي قائم خانگي اسپتال ۾ ملهه پھلوان علي نواز ڊکڻ جي پوٽي 3 ورھين جي مائزا گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي. تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ ھڪ ڏينھن اندر گيسٽرو ۾ مبتلا 50 کان وڌيڪ مرد ، عورتون ، ٻار  مريض پهتا. واهي پانڌي لڳ ڳوٺ قاسم رودناڻي ۾ 10 مهينن جو ظھير ولد سڪندر رودناڻي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو. ٽنڊورحيم خان ويجھو  ڳوٺ بچل شاھ جي رهواسي پورهيت مير حسن جو 12 سال جو ماجد علي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو. قصبو لڳ ڳوٺ ڪنڊو ٻٻر ۾ ڇهه ورھين جو منصور ولد محب علي ٻٻر زندگي جي جنگ ھارائي ويو. قصبو جي متاثرن دانھيندي ٻڌايو ته شھر کان روڊ رستا ٽٽڻ سبب علاج ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ ٿيون ، صحت کاتي جون ٽيمون ڪاڇي ڏانهن موڪليون ويون.  خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو نه اچي سگهيو، 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن سان تعلق رکندڙ گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 93 ٻارڙن کي سٽي اسپتال داخل ڪيو ويو. راضيديرو ۾ گيسٽرو وگهي ٻن سالن جي معصوم منصا ڌي پرويز علي ڪوري فوت ٿي وئي. مليل ڄاڻ موجب راضيديرو ۽ ڀرپاسي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گيسٽرو سبب ڪيترن ئي ٻارن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.خانپور مھر جي گبول مارڪيٽ جي رھواسي فدا حسين پتافيءَ جو چئن ورھين جو پٽ غلام علي پتافي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو.ٽنڊوڄام ۽ آسپاس گيسٽرو زور ٿي ويو، 150  کان وڌيڪ مريض علاج لاءِ اسپتالن پهتا، نئون ديرو ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سگهيو، 100 کان وڌيڪ ٻارڙا، مرد توڙي عورتون کي دست ۽ الٽين جي بيماري سبب اسپتال علاج لاءِ آندو ويو. ٽن ڏينهن اندر 400 ڱان وڌيڪ مريض گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. گاجي کهاوڙ ۾ گيسٽرو ڦهلجي وئي، 25 ڄڻن کي اسپتال آندو ويو،  پيار علي کوسو، ام فروا شيخ، عاليه ابڙو، ذيشان ابڙو، سيما چانڊيو، امام دين کهاوڙ، محمد عدنان سانڀل ۽ ٻيا شامل آھن، اسپتال انتظاميه جو چوڻ آھي هفتي کان دوا ختم ٿي وئي آھي، مريضن کي ڪٿان ڏيون. هوڏانهن پي پي ايچ آءِ قمبر جي ڊي ايم احمد شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي دوائن جي کوٽ آھي. ٽنڊوباگو جي مختلف اسپتالن ۾ 65 ڄڻا داخل ڪيا ويا آهن. تعلقه اسپتال ۾ 5 معصوم ٻارڙن سان گڏ 25 گيسٽرو جا مريض داخل ڪيا ويا آهن. ٻين اسپتالن ۾ 40 کان وڌيڪ گيسٽرو جا مريض داخل ڪيا ويا آهن. مريضن ۾ عبدالرحمان، سوني، عنايا، زينت، حاڪم علي، عثمان، حسين ملاح، يامين، عثمان، خاصخيلي، ابراهيم، اسلم، ڪرڙ، ذوهيب، سومار، اسلم خان، خدا بخش، نور محمد، عبدالسلام، علي حسن، شريف، عبدالحسين، غلام مصطفي، عرس، سچو شامل آهن.قاضي احمد تعلقي جي ڳوٺ  ڪيوڙو زرداري سميت ٻين ڳوٺن ۾ 40 کان وڌيڪ ٻارڙا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڀرياسٽي ۾ ھڪ ڏينھن اندر 60 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن، عورتون ۽ مردن کي گيسٽرو وگهي اسپتال داخل ڪيو ويو. اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي.مرزاپور جي ڪچي واري علائقي راجا خان مڱڻيجو ڀرسان ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ گيسٽرو ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت  14 ڄڻا  چار سالا راهب ولد هدايت الله مڱڻيجو، نوجوان محمد لائق، انصار، ذاڪر، ابو بڪر، منٺار، وزير مڱڻيجو سوڌو 7 عورتون به مرض ۾ مبتلا ٿي ويون آهن. مورو ۾ عبدالعزيز، تيمور، وقار، رياض، ذوالفقار، مريم، عائشہ، محمد رضا ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو گيسٽرو جي مرض ۾ وٺجي ويا. نصيرآباد ۾گيسٽرو ۾ اضافو ٿي ويو، زهران خاتون، ثقلين، اميدان سميت 13 ڄڻن کي اسپتال آندو ويو.