رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ۾ عورتن جو پوليس خلاف احتجاج ، انصاف جي اپيل، ان ڏس ۾ ڳوٺ مور خان چانڊيو جي رهواسي عورتن  پريس ڪلب پهچي  شازيه ، مومل ۽ خيران خاتون دانهيندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ  ايس ايچ او رتوديرو اسان جي نوجوان  عبدالغفار چانڊيو کي زبردستي ويگن مان لاهي کڻي ويو، هنن چيو ته ايس ايچ او اسان کان رشوت گهري رهيو  آهي،  اسان عورتن سان بد تميزي ڪندي هن گار گند ڪئي وئي، غريب آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي طرف ايس ايچ او رتوديرو اياز پٺاڻ موجب ته عبدالغفار چانڊيو ڏوهاري آهي جيڪو چورن ۽ ڦر ڪرڻ جي واقعن ۾ پوليس کي گھربل آهي. باقي اسان کيس گرفتار ڪو نه ڪيو آهي.