ڏيئي (ن پ ا) ٽنڊوباگو جھڏو روڊ جي مرمت جو ڪم  ھڪ سال گزري وڃڻ جي باوجود به مڪمل ٿي نه سگھيو آهي، 42 ڪلوميٽرن  جي روڊ مان صرف 10 ڪلوميٽرن  تي ڪم مڪمل ٿيو آهي جڏهن ته باقي 32 ڪلوميٽرن  تي ڪم مڪمل نه ٿيو.ٽنڊوباگو کان ماڻڪ واھ جي پل تائين مڪمل ٿيل روڊ جي مرمت ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جا به ازلام سامهون آيا آهن، جنهن ڪري پاسن کان ٽٽڻ شروع ٿي ويو آهي. علائقي جي ڳوٺاڻن  ۽ وين ڊرائيورن رضا پنجابي,جمن جمالي,شفيع محمد,الياس خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته ڪروڙين رپين جي ماليت جي ھن ٺيڪي جو مالڪ روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال سان گڏ روڊ جي مرمت جو ڪم تمام سست رفتاري سان ڪري رھيو آهي جنهن ڪري اسين ھن روڊ تي وڏي مشڪل سان سفر ڪريون.گزريل ھڪ سال دوران اسانجون گاڏيون ڪلٽي ٿي ختم ٿي ويون آهن ۽ حادثن سبب ڪيتريون جانيون پڻ ضايع ٿيون آهن.