ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي عدالت حملي ۽ جھيڙي جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن کي 18 – 18 مھينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 4 مهينا اڳ ڳوٺ ميوو خان چانڊيو جي رھواسڻ مسمات سڀائي زال ماڻڪ چانڊيو جي فرياد تي 6 جوابدارن صديق، نواب، شوڪت علي، لياقت، ارباب ۽ علي حسن چانڊيو خلاف حملي، جھيڙي، تشدد ۽ گارگند جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سول جج جي عدالت 6  جوابدارن کي ڏيڍ ڏيڍ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا ٻڌائڻ بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو.