راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي شهر ۾ گذريل ھڪ ھفتي کان نامعلوم ٺڳن جا ٽولا سرگرم ٿي ويا آهن، جيڪي روزانو ڪنھن نه ڪنھن دڪاندار سان واردات ڪرڻ لاءِ شهر ۾اچن ٿا ، انھن ٺڳن گذريل ھڪ ھفتي ۾ 2 وارداتون ڪيون آهن، جنهن ۾ پراڻي بس اسٽاپ تان ڀڳوانداس عرف ڀڳت ڀڳو جي جنرل اسٽور تان خاني مان 25 ھزار ۽ شھر جي سلطاني واھ روڊ تي جيوڻ ريٻاري جي دڪان مان 27 ھزار کڻي اساني سان فرار ٿي ويا آهن.