حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڄامشورو گرڊ اسٽيشن جي پاور ٽرانسفارمر ۾ خرابي بعد 5 ضلعن جي بجلي 20 ڪلاڪن بعد بحال ٿي وئي، حيسڪو ترجمان ڄاڻايو ته هڪ ڏينهن اڳ شام جو 5 وڳي ڄامشورو گرڊ اسٽيشن ۾ 500 ڪي وي جي ٽي 2 پاور ٽرانسفارمر ۾ ٽرپنگ ٿي هئي. ٽرپنگ بعد حيدرآباد، بدين، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ بجلي بند ٿي هئي. اين ٽي ڊي سي پاران ٽرانسفارمر جي خرابي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر بجلي بحال نه ٿي هئي، جنهن بعد متبادل ٽرانسفارمر ذريعي ڄاڻايل ضلعن کي بجلي فراهم ڪئي وئي. پنجن ئي ضلعن ۾ لاڳيتو 20 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ سبب ڪاروباري سرگرميون معطل رهيون جڏهن ته شهري به سخت پريشان رهيا. حيسڪو ترجمان گذريل ڏينهن 12 وڳي دعويٰ ڪئي ته پاور ٽرانسفارمر جو فالٽ ختم ٿيڻ بعد ڄاڻايل ضلعن کي مڪمل طور بجلي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي.