مٽياري (رپورٽر) پ پ جي باني اڳواڻ ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا، ملڪ جي نامياري سياستدان مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ستين ورسي اڄ ملهائي ويندي. ورسي جي موقعي تي اڄ ضلعي مٽياري ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي،  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري شهريار گل ميمڻ پاران اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري شهريار گل ميمڻ پاران اڄ 21 نومبر 2022 سومر جي ڏينهن ضلعي مٽياري ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.