ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف چيو آهي ته اسان سيريز لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي، اسان وچ ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف نه آهن. ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف سريلنڪا خلاف سيريز بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽيم ۾ جيڪي نوان رانديگر آيا آهن انهن کي اعتماد ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٽيم ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، جويريه خان کي ڊراپ ڪرڻ بابت سليڪٽرز ئي ٻڌائي سگهن ٿا. قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته ميزبان جي حيثيت ۾ اسان تي ڪوبه دٻاءُ نه آهي، اسان جو فوڪس سريلنڪن ٽيم تي نه بلڪ پنهنجي طاقت تي آهي.