ميرپور (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 277 رنز ٺاهي ورتيون. بنگلاديش جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته سندس 24 رنز تي 5 اهم وڪيٽون ڪري پيون. مشفيق الرحيم ۽ لٽن داس سريلنڪن بالرن اڳيان ڀت بڻجي بيهي رهيا. ٻنهي بيٽرز سينچريون ڪري 253 رنز جي ڀائيواري قائم ڪئي. سريلنڪا طرفان ڪوسن رجيٿا 3 ۽ آسيٿا فرنندو 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي مشفيق الرحيم 115 ۽ لٽن داس 135 رنز سان وڪيٽ تي موجود آهن.