ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ پي سي بي 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ويسٽ انڊيز خلاف قومي اسڪواڊ ۾ 3 اوپنرز، 3 مڊل آرڊر بيٽرز، 2 وڪيٽ ڪيپرز، 3 اسپر ۽ 5 فاسٽ بولرز کي شامل ڪيو ويو آهي. قومي اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابراعظم، نائب ڪپتان شاداب خان ۽ محمد رضوان شامل آهن. ان کان علاوه عبدالله شفيق، فخر زمان، حارث رئوف، حسن علي، افتخار احمد ۽ امام الحق به اسڪواڊ جو حصو آهن. خوش دل شاهه، محمد حارث، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، شاهين شاهه آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زاهد محمود به اسڪواڊ ۾ شامل آهن. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ شيڊول سيريز جون ون ڊي ميچز 8، 10 ۽ 12 جون تي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.