گمبٽ (ن پ ا) راضيديرو ۾ گرمي سبب هڪ نوجوان نياز محمد ڀٽو فوتي ٿي ويو آهي، ٻيو محمد سليم بيهوش ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته بهارو ۾ کجين جي باغ تي ڪم ڪندڙ مزدور ڊاٽسن ۾ سوار ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته گرمي سبب ٻه پورهيت بيهوش ٿي ويا جن کي ساٿي مزدور کڻي راضيديرو جي نجي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر نياز محمد ڀٽو جي فوتگي جي تصديق ڪئي. جڏھن ته فوتي ۽ بيهوش ٿيل مزدورن جو تعلق لاڙڪاڻي سان ٻڌايو پيو وڃي.