سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تيز برسات، واقعا ۽ حادثا، عورت اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

0
358
ڪراچي سميت سنڌ جي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ تيز برسات بعد روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، سکر، روهڙي، پير ڳوٺ، ڪنڌرا ۽ ٻين علائقن ۾ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ کان 10کان وڌيڪ واقعا، عورت اجل جو شڪار، 10 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا، فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب اڪثر شهرن ۾ بجلي فراهمي معطل، سيپڪو ترجمان موجب 9 فيڊرز بحال ٿي ويا آهن، باقي 51 جو مرمتي ڪم جاري آهي: صوبائي وزير ناصر شاهه طرفان سکر شهر جي مختلف علائقن جَي دوري دوران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل عملدار مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي.