شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ملدسي شاخ مان عورت جو لاش ملڻ واري معاملي نئون رُخ اختيار ڪري ورتو، عورت هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد شھر مان عِدت دوران گُم ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو، عورت جي ڀاءُ ساهرن تي قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان هڪ ڏينهن اڳ ملدسي شاخ مان اڻڄاتل عورت جو لاش هٿ آيو هو جنهن کي ڪالهه لاوارث قرار ڏئي دفنايو ويو، ان عورت جي سڃاڻپ حيدرآباد واسڻ ٻن ٻارن جي ماءُ شھلا زال احمد علي شاهه طور ٿي آهي، ٽائيم نيوز تي عورت جي لاش هٿ اچڻ واري خبر نشر ٿيڻ بعد عورت جا وارث شھدادپور ٽائيم نيوز آفيس پهتا جتي عورت جي تصويرن مان سندس سڃاڻپ ڪئي وئي، اهڙي سڃاڻپ عورت جي ڀاءُ شاهد شاهه ڪئي، ان حوالي سان شاهد شاھ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سومر ڏهاڙي تي صبح جو ڀيڻ جي ساهرن منهنجي ڀاءُ زاهد شاهه کي فون ڪال ڪري ڀيڻ شهلا جي گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ۽ اسان حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي تي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي، هن چيو ته ٽائيم نيوز تي لاش ھٿ اچڻ واري خبر هلڻ بعد شھدادپور پهتو آهيان ۽ ڀيڻ جي تصويرن مان سڃاڻپ ڪئي آهي، فوتڻ عورت جي ڀاءُ شاهد شاهه چيو ته ڀيڻويو پوليس ڪانسٽيبل احمد علي شاهه 3 هفتا اڳ 2 جولاءِ تي گهريلو پريشانين سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو، جنهن بعد ڀيڻ حيدرآباد جي قادرپور پاڙي ۾ سهري انور شاهه جي گهر ۾ عِدت ۾ ويٺل هئي پر اچانڪ ڀيڻ جي گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو، هن چيو ته ساهرن ڀيڻ جي ڳولا ۾ ڪا به مدد نه ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن خاموش رهڻ جو چيو، شاهد شاهه ڀيڻ کي قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي کين شڪ آهي ته ڪٿي ڀيڻ کي ساهرن قتل نه ڪيو هجي ۽ شھدادپور جي شاخ مان ادي جو لاش ملڻ واري معاملي ڪيترائي شڪ پيدا ڪري ڇڏيا آهن، هن ايس ايس پي سانگھڙ ۽ حيدرآباد پوليس جي اعليٰ اختيارين کان شفاف جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته اهم معاملي جي جاچ ڪري سموريون حقيقتون سامهون آنديو وڃن ته جيئن انصاف ٿي سگهي.