گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ڳوٺ گلڻ خان لغاري جي رهواسي قبول گڏاڻي، رخسانا لغاري ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته محمد شريف لغاري جي چوڻ تي فاروق لغاري، علي اصغر لغاري ساٿين سان گڏجي گهر تي ڪاهه ڪري 11 سال جي ڌيءُ رحيمان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دانهن تي جوابدار ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري نينگري کي اغوا ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا ۽ نينگري رحيمان خاتون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن خلاف گهوٽڪي ٿاڻي تي اطلاع ڪيو پر پوليس جوابدارن خلاف اين سي رپورٽ وٺڻ کان انڪار ڪندي واپس موٽائي ڇڏيو احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي گهر تي ڪاه ڪري نينگري رحيمان خاتون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.