راضيديرو/ رپڙي (نمائندا) راضيديرو ۽ رپڙيءَ ويجهو ھڪ ئي رات چوريءَ جون 3 وارداتون، لکين رپين جون 33 سولر پليٽون ۽ ھڪ موٽر چوري، موٽر سائيڪل ڦر، 2 چور سوگها، پوليس چورن  جي گرفتاري ظاھر ڪرڻ بدران کين ڇڏي ڏنو. رپورٽ موجب رپڙي، راضيديرو، بھارو ۽ ڀرپاسي چورن تر تپائي ڇڏيو، گذريل رات نامعلوم چور عبدالرسول کوکر جي پاڻي واري بور تي لڳل 540 واٽ جون 30 سولر پليٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا، جن جي ماليت 13 لک رپيا ٻڌائي وڃي ٿي. ٻئي طرف چور بھارو شھر جي اسڪول ۾ لڳل پاڻيءَ وارو موٽر چوري ڪري ويا. جڏهن ته ساڳي رات لاڙڪاڻو- خيرپور باءِ پاس حنيف شاھ اسٽاپ وٽان پڻ نامعلوم چور سيتا واسي مسافر الھورايو چنو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن ڳوٺ اميربخش سروھي جي ڳوٺاڻن ساڳي رات موٽر سائيڪل سوار ٽن چورن ذيشان پنھور، نبي بخش عرف نبن چنو ۽ ھڪ نامعلوم کي پڪڙي کانئن 3 سولر پليٽون هٿ ڪري ورتيون ۽ جوابدارن کي بھارو پوليس حوالي ڪيو. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته بھارو پوليس ڏيتي ليتي بعد چورن کي ڇڏي ڏنو.