خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ نمبر 2 ڪوڙا چيڪ ڏيندڙ ٻن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سينٽرل جيل منتقل. خبر موجب خيرپور ۾ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل  ڪورٽ نمبر 2 ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جي الزامن هيٺ اي سيڪشن ٿاڻي تي درج ٻن الڳ الڳ ڪيسن جي ٻڌڻيءَ دوران ڪيسن ۾ جوابدار ڄاڻايل انيس اعواڻ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 2 سال قيد ۽ 40 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏهن ته جوابدار علي دوست ڪٽوهر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس هڪ سال قيد ۽ 10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ٻنهي جوابدارن کي پوليس پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪيو ويو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار هڪ هڪ مهينو وڌيڪ قيد ڪاٽيندا.