گڊو (ن پ ا ) پنجاب جي ضلعي راجن پور ڪوٽ مٺڻ ٿاڻي جي حد ۾ 4 جوابدارن حماد پٺاڻ، احمد ملڪ، شوڪت خواجه ۽ طيب رانا ناري سميرا سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ڪئي، اهڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو. محمد بلال جو چوڻ ھو ته گھر واري سان گڏ مٺن ڪوٽ کان راجن پور وڃي رھيو هو ته رستي ۾ موٽرسائيڪل جو پيٽرول ختم ٿي ويو، سميرا کي رستي تي ڇڏي پيٽرول ڀرائڻ ويس ته گھر واري موجود نه ھئي، 15 تي ڪال ڪري واقعي جو اطلاع ڏنو. ڳولا بعد سميرا بيھوشي واري حالت ۾ رستي تي پيل ھئي.  ٻئي پاسي ناري جي پيءُ محمد مقدس جي فرياد تي ڪوٽ مٺڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا.