ڳڙھي ياسين (ن پ ا)ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ رکيل شر جي وانڍ ۾مصطفيٰ شر ۽ مومن شر ۾ ھلندڙ تڪرار تان مومن شر ڌر جي فائرنگ ۾ حنيف شر ٿڏي تي مارجي ويو.  اطلاع تي مصطفيٰ شر واري ڌر جا ھٿياربند واقعي واري ھنڌ پھتا. واقعي واري ھنڌ وڃڻ کان لوائيندي رھي، لاش 4 ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو، ڳوٺاڻن ڊاٽسن ذريعي لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي  ڪيو.