وارھ/نصيرآباد/ ڪچي پل (نمائندن وٽان)وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، عرفان منان، آفتاب همت پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي سرڪاري سطح تي ڪا به سهائتا نٿي ڪئي وڃي، هوڏانهن نصيرآباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، رسول بخش کوسو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، حاجي پنهل لغاري احتجاج ڪندي چيو ته رليف ڪيمپن ۾ صفائي ڪونھي، دوائون ڪونھن، راشن ڪونھي، ماڻھو بکون ڪاٽي رھيا آھن، چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي ووٽ وٺي غائب ٿي ويا آهن،ڪچي پل ۾ ايس ٽي پي  ڪارڪنن غلام  نبي چنا، غلام  مصطفيٰ  بروھي اڳواڻي ۾ مين گوادر  موٽروي روڊ  تي ڌرڻو هنيو. لکين ماڻھو متاثر ٿي روڊن تي کُلي آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺا آھن بيمارين سبب رهواسين جون جانيون ضايع ٿئي ويون آهن  پر سرڪار توڙي  چونڊيل نمائندن سميت سموري انتظاميا پنهنجين ذميوارين کان لاتعلق بڻيل آھن.هنن گهر ڪئي ته ٻُوڏ متاثرين جي جلد واهر ڪري سندن راشن ۽ دوائن سميت سموريون بنيادي گھرجون پوريون ڪيون وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.