اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿهيم) اوٻاوڙو لڳ رائونتي لنڪ روڊ تان 8 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ڪيل نوجوان محمد صادق پنهور ۽ سندس ٻه ڀائٽيا مھتاب پنهور ۽ شهباز پنهور بازياب ٿي گهر پهچي ويا، مغوين جي بازيابيءَ عيوض 50 لک رپيا ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول، وارثن ۾خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي. ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿيل نوجوان صادق پنهور ٻڌايو ته ڌاڙيل اسان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندا رهندا ھئا. الله جو شڪر، جو نئين زندگي ملي آهي. واضح هجي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ٽنهي ڄڻن جي بازيابي لاءِ  پوليس رائونتي ڪچي اندر ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران بدنام ڌاڙيل راهب شر جي ٽولي پوليس ڪئمپ مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڊي ايس پي اوٻاوڙو سميت پنجن اهلڪارن کي شهيد ۽ وڌيڪ 4 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. اهڙي واقعي جو ڪيس 100 ڌاڙيلن  خلاف داخل ڪيو ويو هو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته راڄوڻي ڪوششن ذريعي 50 لک رپيا ڀنگ عيوض ٽنهي مغوين کي ڪشمور واري علائقي مان  بازياب ڪرايو ويو آهي.