ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي عارضي بريڪ لڳي ويو: پوڻا  2 رپيا لاٿ سان 225.5 رپيا ٿي ويو: سون 153300 رپين  جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  1500 رپيا اضافي سان  151800 مان 153300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 1708 ڊالر في آئونس تي برقرار رهيو، ٻئي طرف ڊالر 1.75 رپيا لاٿ سان 227.25 مان 225.5 رپين تي پهتو، مين چينجرن موجب ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ عارضي آهي، جڏهن ته پائونڊ  هڪ رپيو لاٿ  سان  270.5 مان 269.5 رپيا ٿي ويو ، هوڏانهن چاندي 1580 ۽ يورو 236 رپين تي برقرار رهيا،