رائونتي (ن پ ا) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري قتل، پوليس لاش کڻائڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ناڪام. رائونتي ٿاڻي جي حد جهنگل دو ۾ جوابدار غلام فريد شر پنهنجي زال مسمات موران کي ڪارنهن جي تهمت هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ رائونتي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع مليو آهي، لاش هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪچي واري علائقي ۾ واقعو پيش آيو آهي. ان ڪري لاش کڻائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. لاش ملڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناريءَ کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙھيو ويو آهي.