ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم لڳ ملوکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار جو نبيرو، ڏوهي ڌر تي 15 لک ڏنڊ، مقتول ڌر ڏنڊ معاف ڪري ڇڏيو، ڌريون کير کنڊ، رپورٽ موجب ڳوٺ محمد رحيم ملوکاڻي ۾ 34 سال اڳ ڳوٺ دائٿ ملوکاڻي واسي عالم ملوکاڻي پنهنجي سنڍو عاشق ملوکاڻي کي گهريلو تڪرار تان قتل ڪيو هو، جنهن جو فيصلو ڳوٺ  محمد رحيم ملوکاڻي ۾ سڪندر علي  شورو ۽ چاڪر ملوکاڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ امينن طور رسول بخش کوسو ، فدا حسين ملوکاڻي، حاجي خان ملوکاڻي، فتح محمد ملوکاڻي، دلبر ملوکاڻي، صالح ملوکاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڳالهيون ٻڌڻ بعد جوابدار ڌر تي 15 لک ڏنڊ وڌو ويو، جيڪو مقتول ڌر معاف ڪري ڇڏيو، ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو، واضح رهي ته جوابدار  25 سال سزا پڻ ڪاٽي آيو هو جيڪو به 2 سال اڳ وفات ڪري ويو هو.