ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ عالماڻي ۾ عبدالطيف جهتيال جي قتل جو فيصلو پ پ اڳواڻ بشير گاڏھي جي سرپئنچي ۾ ٿيو.جمال الدين جهتيال مٿان قتل جو الزام ثابت ٿيڻ تي 30 لک ۽ ھڪ جريب زمين ڏيڻ جو ڏنڊ وڌو ويو.عبدالطيف جهتيال کي جوابدار ڌر پاران 10 سال اڳ ڳوٺ عالماڻي ۾ ڏنڊا هڻي قتل ڪيو ويو هو. مقتول جو ڪيس وارثن پاران سيهڙ ٿاڻي تي 4 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو. مقتول جي قتل ۾ ملوث چار ئي جوابدار ضمانت تي آزاد آھن. هوڏانهن عاشق جهتيال ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ عبدالطيف جهتيال جي خون جو فيصلو پ پ اڳواڻ بشير گاڏهي ڪيو آھي، هن چيو ته جمالدين جهتيال وارن مٿان مشيرن جي موجودگي ۾منهنجي ڀاءُ جو خون ثابت ٿيو، ڏنڊ جي رقم جوابدار ڌر پاران ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد جوابدار ڌر کي ڪيس لکي ڏينداسين، جڏهن ته فيصلي بعد ٻئي ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون آھن.