خيرپور/ چونڊڪو (نمائندن وٽان) خيرپور پوليس ڪارروائي ڪري چونڊڪو جي رهواسڻ نينگري سونيا ڌيءَ ذاڪر لنڊ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس موجب 15 سالن جي سونيا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ گهران نڪري پوليس کي اطلاع ڏنو ته سندس مائٽ کيس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهن، اهڙي اطلاع تي ايس ايچ او سوراهه ۽ سندس ٽيم ڪارروائي ڪندي ڄاڻايل نينگريءَ کي قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس موجب نينگري سونيا کي تحويل ۾ وٺي وومين سيل منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.