دڙو(ن پ ا) دڙو لڳ ڳوٺ عبدالله سوڊو ۾  پنج ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل عورت پپيلا سوڍي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاء سوڊا برادري پاران هارون سوڊو جمال سوڊو نورالدين سوڊو جي اڳواڻي ۾ دڙو پڃاري پل تي احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن چيو ته گذريل پنج ڏينهن اڳ هٿياربندن پاران گهر ۾ داخل ٿي اسان جي نياڻي پپيلا کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ايف آئي آر داخل ٿين باوجود پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار نه آهي هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي جوابدار جلد گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو