ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو  شهر ۾ گذريل 20 ڏينهن کان هلندڙ گيس جي بندش سبب رهواسي سخت پريشان آهن،  شھر جي ميمڻ پاڙي،  شهباز ڪالوني ، سيد محله ، بلادي محله سميت مختلف علائقن ۾ گئس اڻلڀ ٿي وئي آھي، ٻي طرف گيس جي بندش خلاف شهر جي بلادي پاڙي جي رهواسي  عورتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته  انتظاميه هٿ سان گئس بند ڪري شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، گئس بندش باوجود ڳرا بل اماڻيا وڃن ٿا، نوٽيس وٺي گئس فراهم ڪيو وڃي.