اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ۽ ڀرپاسي اٽي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو، يوٽيلٽي اسٽور آڏو صبح کان شام تائين اٽي خريدارن جون قطارون معمول بڻيل، اٽي جو محدود اسٽاڪ هجڻ سبب اسٽور انچارج ۽ خريدارن جي پريشاني وڌي وئي. اڪري چودڳيءَ ۾ قائم يوٽيلٽي ا اسٽور تي روزاني بنياد تي 10 ڪلوگرام وارا 150 ڪٽا سستي اگھه سبب هڪ ڪلاڪ اندر وڪرو ٿي وڃن ٿا. اوپن مارڪيٽ ۾ غيرمعياري اٽو 100 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. ان ڪري اڪري ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جو پورهيت طبقو يوٽيلٽي اسٽور تان سستي اگھه اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. محدود اسٽاڪ سبب ڪيترائي ماڻهو خالي هٿين واپس روانا ٿي وڃن ٿا. اڪري يوٽيلٽي اسٽور انچارج گدا حسين شر موجب اٽي جو  اسٽاڪ اسٽور جي ڪوٽا موجب محدود هوندو آهي پر خريدار گهڻا آهن. پنهنجي ريجن کي اسٽاڪ وڌائڻ جو چيو آهي ته جيئن برسات متاثرن کي سستي اگھه اٽو ميسر ٿي سگهي. ٻئي طرف اڪري واسي برسات متاثرن صدام حسين، سڪندر، دلدار، نصير سانگي، عجب شيخ، مختيار خاصخيلي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته برسات متاثر علائقن ۾ سستي اٽي جا وڌ ۾ وڌ اسٽال لڳائي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.