دڙو(ن پ ا) دڙو لڳ 8 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل 13 ورهين جو نينگر نصرالله ميربحر پاڻ مرادو بازياب ٿي گهر  پهچي ويو، 2 جوابدار گرفتار، جاچ شروع، ان ڏس ۾ 8 ڏينهن اڳ ڳوٺ لاکو ميربحر مان اغوا ڄاڻايل 13 ورهين جو نصر الله ميربحر بازياب ٿي پنهنجي گهر پهچي ويو آهي، ان ڏس ۾ نينگر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ گهر ٻاهران بيٺل هئس ته 3 ڄڻا مون کي منهن تي ڪپڙو ڏئي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ ڪنهن جبل واري علائقي ۾ رکيو، جتي هڪ پوڙهي عورت پڻ رهندي هئي،  رات هو نشي ۾ ڌت هئا ۽ سمهي پيا، آئون وجھ وٺي اتان فرار ٿي گهر پهتو آهيان، هوڏانهن دڙو پوليس الزام هيٺ آيل 2 جوابدارن مير حسن خاصخيلي ۽ بشو خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيلن ٻڌايو ته اسان تي ڪوڙو اغوا ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، ٻي طرف پوليس موجب ته مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون.