ملير (رپورٽر)  ملير  ۾ سنجهورو واسي نوجوان قتل،  ان ڏس ۾  ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ دنبا ڳوٺ ويجهو  ڊيري فارم ۾ فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنجهورو واسي 22 ورهين جو وقار علي پٽ سومار قتل ٿي ويو ، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او عتيق الرحمان پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مقتول وقار  دنبا  ڳوٺ ۾ خواجا ناظم جي ڊيري فارم تي کير ڏهڻ جو ڪم ڪندو هو، ڊيري فارم  جي چوڪيدار محمد علي ڊيري فارم مان ڪتن کي ڀڄائڻ  لاءِ فائر ڪيو، ڇرو مٿي ۾ لڳڻ وقار دم ڏنو ، اسان محمد علي کي رپيٽر سميت گرفتار  ڪيو آهي